عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪر

عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪر

عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪر

عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سگهڙ ۽ شاعر گل محمد فقير لهر بلوچ جي ڪلام تي مشتمل آهي. جنهن کي ٻن اديبن نياز مسرور بدوي ۽ عبدالجبار عاجز منگيءَ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ گل محمد فقير جو حمديه، نعتيه ڪلام سميت منقبت، گفتا، پهاڪا ۽ مرثيه شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي ڪلام سان گڏ سرائيڪي ڪلام پڻ شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ بيدل مسرور لکيو آهي، جڏهن ته مقصود گل، مختيار گهمري ۽ عبدالجبار عاجز منگيءَ جا رايا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 208 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت شڪارپور، اپريل 1999ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 75 روپيا آهي.


لفظ عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو